اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئين ڪفالت پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو جنهن تحت سڄي ملڪ جي 7 ملين غريب عورتن کي 2 هزار رپيا ماهوار ??قد مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ذريعن موجب احساس ڪفالت پروگرام تحت سمورن مستحقين کي وزيراعظم جي راشن وظيفن ۽ ون وومين ون بئنڪ اڪائونٽ و??زن موجب مخصوص اي ٽي ايمز ۽ بئنڪ جي شاخن ذ??يعي ادائيگين جي سهولت ڏني ويندي.