اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقلي جي پاليسي ايندڙ هفتي دوران وزيراعظم عمران خان کي ??يش ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اينالاگ س??ن ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽي جي ڪنوينر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.