اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ميڊ??ا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، رياست جو چوٿون ٿنڀ هجڻ جي حيثيت سان ميڊ??ا جو معاشري ۽ حڪومتي قدمن تي عوامي راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ سڌ??رن?? حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي ڀلا??ي جي منصوبن، معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ جي ڏس ۾ پريس انفارم??شن ڊپارٽمينٽ جو ڪردار ۽ مستقبل جي حڪمت علي تي بريفنگ وٺندي ڪيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعو??ڻ، شهباز گل، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهده پروين ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.