اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معا??ن ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته هڪ طرف وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان جي ترقي، جمهوريت جي مضبوطي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ پارلياماني پارٽي ج?? اجلاس ٿي رهيو آهي جڏهن ته ٻي طرف انتشار، فساد ۽ عوام جي ترقي ج?? رستو روڪڻ جا منصوبو بڻايا پيا وڃن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم ڏسي رهي آهي ته ڪنهن جي ڪهڙي ايجنڊا ۽ ترجيح آهي، هن چيو ته م??لانا صاحب! اقتدار ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جو فيصلو پاڪستان ج?? عوام کي ڪرڻو آهي، چار سالن جي لاءِ اتنظار ڪريو.