ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف سان بيلاروس جي صدر اليگزينڊر گريگوري وچ لوڪا شينڪو ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي ??عاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه مح??د آصف ۽ مفتاح اسماعيل پڻ موجود هئا.