اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، پاڪستان جي باني قا??دا??ظم محمد علي جناح جي 148هين پيد??ئش واري ڏينهن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان باب??ءِ قوم قا??دا??ظم محمد علي جناح جي قوم ل??ءِ ڪيل خدمتن کي کيس سلام پيش ڪريون ٿا، قا??دا??ظم هڪ سياسي جدوجهد ذريعي تاريخ جي ڌارا تبديل ڪئي، قا??دا??ظم جي ويزن، عزم ۽ استقلال عيوض ئي ننڍي کنڊ جي مسلمانن ل??ءِ هڪ آزاد وطن جو قيام ممڪن ٿي سگهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق قا??دا??ظم محمد علي جناح جي 148هين پيد??ئش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته اسان جي تاريخ جي هڪ نازڪ ترين دؤر ۾ قا??دا??ظم جي قيادت سندس غير معمولي صلاحيتن جو ثبوت آهي. قا??دا??ظم هڪ وڪيل، مدبر ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي اڳواڻ طور تي مسلمانن جي حقن جي ڀرپور وڪالت ڪئي. هن پاڪستان جو ڪيس نهايت وضاحت ۽ يقين سان پيش ڪيو. هن هڪ اهڙي ڌار وطن جي ضرورت تي زور ڀريو جتي مسلمان آزاديءَ سان پنهنجي مذهب تي عمل پيرا ٿي سگهن ۽ پنهنجي ثقافت، ??ياسي ۽ معاشي حقن جو تحفظ ڪري سگهن. هن چيو ته 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي مان سندس تاريخي خطاب اڄ به اسان ل??ءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي ان تقرير ۾ هن هڪ اهڙي پاڪستان جو تصور پيش ڪيو جتي قانون جي حڪمراني هوندي، اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ هر شهري بنا ڪنهن فرق جي رياست جي سامهون برابر هوندو. ا??صا?? ۽ رواداري جا اهي اصول نه صرف قائد جي فلسفي جو بنياد آهن پر اهي اصول آهن جن تي عمل پيرا ٿيڻ ل??ءِ اسان کي اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. صدر مملڪت چيو ته جيتوڻيڪ اسان مختلف شعبن ۾ اعليٰ ترقي ڪئي آهي، پر هڪ خوشحال ۽ ا??صا?? تي ٻڌل قوم بڻجڻ جو سفر اڃان جاري آهي، قا??دا??ظم جي هڪ جهموري ۽ خود ڪفيل پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ ل??ءِ اسان کي سماجي ا??صا??، معاشي برابري ۽ قانون جي حڪمراني جا قدر برقرار رکڻ ل??ءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن جي تعليم تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل ل??ءِ کين علم ۽ هنر سان نوازڻو پوندو. اسان کي معاشري جي پيڙهيل طبقن جي بهتري ل??ءِ به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ پر امن ۽ اعتدال پسند پاڪستان جي خواب جي تڪميل ل??ءِ اسان کي پنهنجي سرحدن جي اندر ۽ ٻاهر هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻي آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن اسان قائد جو جنم ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته اچو اسان قا??دا??ظم جي نظرين کي پنهنجي ذاتي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اپنائڻ جي عهد جي تجديد ڪيون. سندس ٻڌايل ”اتحاد، يقين محڪم ۽ تنظيم“ جي اصولن کي قومي هم آهنگي ۽ ترقي ل??ءِ مشعل راهه بنايون. اچو اسان هڪ اهڙي پاڪستان جي تعمير جي عزم جو ورجاءُ ڪيون جيڪو حقيقي معنيٰ ۾ قا??دا??ظم جي ويزن جي عڪاسي ڪري. هڪ جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان جتي هر شهري کي پنهنجون ڀرپور صلاحيتون نکارڻ جو موقعي ملي سگهي.