اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سيڪيورٽي فور??ز پاران خيبرپختونخواهه ۾ ٻن مختلف آپريشنز ۾ 8 خوا??ج مارڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڏکڻ وزيرستان ۽ لڪي مروت ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. هن آپريشن دوران دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث گهربل دهشتگرد جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته فتنه الخوار?? جي مڪمل خاتمي لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. هن دهشتگردي جي لعنت کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي قومي عزم جو اظهار ڪيو.