اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس ??وا??ائي، تعليم، دوائن، واپار، علمي ۽ فني مٽاسٽا ۽ صنعتي تعاون جي شعبنن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ 8 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن. پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان روس واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت بين الحڪومتي ڪ??يشن جو نائون اجلاس 2 کان 4 ڊسمبر تائين ماسڪو ۾ ٿيو. هن چيو ته آءِ جي سي جي گڏيل صدارت ??وا??ائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ روس جي ??وا??ائي واري وزير سرگئي تسويليف ڪئي. ترجمان چيو ته ٻنهي ڌرين ٻطرفي سياسي ڳ??له?? ٻولهه جي تعميري نوعيت تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ اعليٰ سطح تي رابطن سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي اندر نتيجاخيز تعاون پڻ شامل آهي. ترجمان چيو ته ڌرين ڳ??له?? ٻولهه ۾ اقتصادي، واپاري، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي شع??ن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ فضائي رابطن کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.