اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اڄ اسانکي موسمياتي تبديلين جهڙن اڀرندڙ چئلينجز درپيش آهن، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتي حڪمت عملي ۽ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن. اسلام آباد ۾ ڏهين نيشنل پارلي??ما??ي ڊولپمي??ٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سان گڏ پارليامينٽ ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو اهم ڪردار هوندو آهي. ان قسم جي ڪورسز سان آفيسرن ۽ اهلڪارن جون صلاحيتون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته ڪو??س مان پبلڪ پاليسي ۽ قانون سازي جي به بهتر آگاهي ملي ٿي. اميد آهي ته ڪورس ۾ شريڪ آفيسر پنهنجو وقت بهترين انداز سان وقف ڪندا. نيشنل پارلي??ما??ي ڊولپمي??ٽ ڪورس ۾ قومي اسيمبلي، سينيٽ، چئني صوبائي اسيمبلين، آز??د ڪشمير قانون ساز اسيمبلي ۽ گلگت بلتستان اسيمبلي جا گريڊ-17 جا آفيسر شريڪ ٿيا.