اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف وار?? وفاق?? وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 هين آئيني ترمي?? جو بل ا??وا?? ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري کانپوءِ 26 هين آئيني ترمي?? جو بل منظوري لاءِ ا??وا?? ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي. سينيٽ چيئرمين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ا??وا?? ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ا??وا?? مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي منظوري کانپوءِ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيل??ني 26 هين آئيني ترميم شق وار منظوري لاءِ ا??وا?? ۾ پيش ڪئي جنهن جي ا??وا?? متفقه طور تي منظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ا??وا?? ۾ پيش ڪيون جنهن ج?? وفاق?? وزير اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ا??وا?? انهن ترميمن کي منظور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي شق وار منظوري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين بل جي شق واري منظوري کانپوءِ بل منظوري لاءِ ا??وا?? ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کان اڳ هال جا دروازا بند ڪيا ويا، سينيٽ چيئرمين ٻه منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين آئيني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ڳڻپ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ا??وا?? 26 هين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.