اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صد?? آصف علي زرداري پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين جو تحفظ ۽ سلامتي ??قي??ي بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جي ان ڪڌي ڏوهه جي مرتڪب ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، دشمن عنصرن جون بزدلاڻيون ڪارروايون دوستن جي وچ ۾ دوستي جي ٻنڌڻ کي ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صد?? آصف علي زرداري چين جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. صد?? چين جي پاڪستان ۾ سفير جي??نگ زيڊو??گ سان ملاقات ڪئي. صد?? 7 آڪٽوبر تي دهشتگرد حملي ۾ چيني شهرين جي مارجڻ تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. صد?? آصف علي زرداري ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته چيني حڪومت ۽ عوام جو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، ٻنهي ملڪن جا دشمن ٻنهي رياستن جي وچ ۾ وڌندڙ حصيداري نه ٿا ڏسي سگهن.