اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پوليو بابت وزيراعظم جي فوڪل پرسن عائشا رضا فاروق چيو آهي ??ه ملڪ جي 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي، پوليو روڪٿام مهم ڪاميابي س??ن ج??ري آهي ۽ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. جمعي ڏينهن صحت واري وزارت طرفان ج??ري بيان مطابق عائشا رضا فاروق چيو ته پوليو وائرس تي ضابطو آڻڻ لاءِ پوليو مهم ڪاميابي س??ن ج??ري آهي. جاري پوليو مهم ۾ سڄي ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ٻارن کي حفاظتي ويڪسين فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ پوليو پروگرام جو نئين سر جائزو وٺڻ کانپوءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وئي. وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان پوليو جي خاتمي جو حتمي پلان جوڙيو آهي. پلان مطابق سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ 3 مهمن ذريعي وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هن وقت 66 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس موجود آهي. ڪوال??ي وارين 03 پوليو مهمن ذريعي ان وائرس جي پکيڙ کي روڪي محدود ڪري ڇڏينداسين. عائشا رضا فاروق چيو ته سيپٽمبر مهم جي هدف مطابق 2 لک 85 هزار پوليو ورڪر گهر گهر پوليو مهم ۾ سمورن ٻارن جي ڪوريج کي يقيني بڻائي رهيا آهن، وڌيڪ ٻه مهمون آڪٽوبر ۽ ڊسمبر ۾ منعقد ڪيون وينديون. ٿڌي موسم ۾ سائنٽيفڪ حڪمت عملي س??ن ان جو خاتمو ڪنداسين. جون 2025 تائين بهترين حڪومت عملي س??ن پوليو تي ضابطو آڻينداسين.