اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير احمد بن ??لي الصيغ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو هن وقت برطانيا جي دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس موجب هن او آءِ سي سان لاڳاپيل مع??ملن سان گڏوگڏ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ ٻطرفي تعاون جي اهم شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻا??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نائب وزيراعظم 13 سالن جي وقفي کانپوءِ ايندڙ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪ – يو اي اي گڏيل وزارتي ڪميشن جو 12 هون اجلاس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي.