اسلام آباد – 21 آ??سٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستاني نوج??ان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا. اي??ان صدر جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر اسرار خان ڪاڪڙ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اي??ان صدر ۾ س??ڻس ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري اسرار خان ڪاڪڙ کي آڪسفورڊ يونين سوسائٽي جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته بلوچستان مان پاڪستاني نوجوان جو آڪسفورڊ يونين جو صدر چونڊجڻ وڏو اعزاز آهي. صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو آڪسفورڊ يونين جي پهرين ايشيائي عورت صدر هئي. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستاني نوج??ان بي پناهه صلاحيتون رکندڙ آهن، نوجوانن کي موقعا فراهم ڪيا وڃن ته ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا، اسرار خان ??ي آڪسفورڊ يونين جي صدر چونڊجڻ سان ٻين نوجوانن جي پڻ حوصلا افزائي ٿيندي. صدر ان ??ميد جو اظهار ڪيو ته اسرار خان مستقبل ۾ پڻ پنهنجي ڪاميابين سان ملڪ جو نالو روشن ڪندا.