اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان دولت مشترڪه سان رابطي، تعليم، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس جي ايجنڊا کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان 21 هين صديءَ جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دولت مشترڪه کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ جي قدم?? جي حمايت جي لاءِ پرعزم رهڻ سان گڏوگڏ ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن سيڪريٽري جنرل جي تنظيم جي قدرن ۽ مشن کي فروغ ڏيڻ ۽ موقف کي جديد بڻائڻ ۾ ا?? جي ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم ٻوڏ کانپوءِ پاڪستا?? جي مدد ڪرڻ کانسواءِ تعليم، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، صلاحيت سازي ۽ ڪلائميٽ ريزيلينس ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ ا?? جي ڪردار کي ساراهيو. هن دولت مشترڪه جي ڪردار تي زور ڏيندي چيو ته ه?? ميمبر ملڪ?? جي وچ ۾ پراڻي تڪرارن کي حل ڪري ۽ گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ دٻاءُ وجهي. نائب وزيراعظم چيو ته علائقائي رابط?? جي ايجنڊا بابت پاڪستان جو ويزن دولت مشترڪه سان هڪ جهڙائي رکي ٿو. هن تعليم، هنر، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، صحت ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تعاو?? جي وسيع موقعن جو پڻ ذڪر ڪيو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف آڪٽوبر ۾ ”اپياساموآ“ ۾ ٿيندڙ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراه?? جي اجلاس ۾ شرڪت جا منتظر آهن. هن چيو ته سيپٽمبر ۾ دولت مشترڪه جي پرڏيهي وزير?? جي اجلاس جي موقعي تي هو شريڪ هم منصبن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پاڪستان پاران دولت مشترڪه جي مسلسل حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته ه?? 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي ته جيئن هو اهو ڏسي سگهي ته پاڪستان ڪيئن ٻيهر اٿي بيـٺو آهي جنهن 33 ملين کان وڌيڪ پاڪستانين کي متاثر ڪيو ۽ ان مان 20 لک گهرن ۽ روزگار کان محروم ڪري ڇڏيو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ دولت مشترڪه جي اصول?? جي لاءِ پاڪستا?? جي عزم کي ساراهيندي چيو ته پاڪستا?? جي 30 سا??ن کان گهٽ عمر جي 65 سيڪڙو آبادي نه رڳو مستقبل جي قيادت هوندي بلڪه دولت مشترڪه کي هڪ بهتر مستقبل بڻائڻ ۾ پڻ مدد ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ڳالهه ٻولهه ذريعي امن ۽ ترقي جهڙن قدرن کي برقرار رکي ٿو بلڪه آزادي ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي اهم مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم طور ڏسي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ سان پاڻ کي واپار جي لاءِ هڪ علائقائي مرڪز طور تصور ڪيو آهي ڇو ته علائقائي رابطا نوجوان?? جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ تعاو?? جي لاءِ حالتون پيدا ڪندو. هن سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ جي 2030ع تائين انٽرا ڪامن ويلٿ واپار کي 2 ٽريلين ڊالر تائين وڌائڻ جي ويزن کي پڻ ساراهيو. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل چيو ته دولت مشترڪه ۾ 2.7 ارب ماڻهو يا دنيا جو ٽيُون حصو شامل آهي، دولت مشترڪه جي رياستن سان واپار ٻين ملڪ?? جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز، سستو ۽ آسان آهي. دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ سرڪاري دعوت تي پاڪستان جو پنج ڏينهن جو دورو ڪري رهي آهي.