اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ردار اياز صادق ملڪ ۽ ملت لاءِ محترم?? فاطمه جناح جي خدمتن تي خراج عقيدت پيش ??ندي چيو آهي، ت?? فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو هڪ بهادر، بااصول ۽ مضبوط اعصابن جي مالڪ عورت هئي. گذريل ڏينهن محترم?? فاطمه جناح جي 57هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مادر ملت جو ڪردار عورتن لاءِ عزم و استقامت، حوصلي ۽ رهنمائي جو ذريعو آهي. هوءَ قائداعظم محمد علي جناح جي ٻانهه ٻيلي ۽ جان نثار ڀيڻ هئي. هن چيو ت?? فاطمه جناح تحريڪ آزادي جي هر مرحلي ۾ پاڇي وانگر قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ رهي. فاطمه جناح قائداعظم محمد علي جناح وانگر باهمت، بااصول، محنتي ۽ هر ڏ??ئي وقت ۾ ثابت قدم رهندڙ عورت هئي. فاطمه جناح عورتن جي تحريڪ آزادي جي هر اول جٿي جي رهنما هئي. هوءَ پاڪستان جي قيام کان پوءِ عملي سياست ۾ سرگرم رهي، اسپيڪر چيو ته هن عوام خاص ڪري عورتن جي فلاح و بهبود لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سندس ملڪ ۽ قوم لاءِ پيش ??يل خدمتن کي هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو.