اسلام آباد -09 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ سمال ميڊيم انٽر پرائيز ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو يارهون اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ايس ايم ايز جي ترقي ۽ سهولتن لاءِ 11 نقاطي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چ??و ته سمال ميڊيم انٽر پرائيزز معيشت ?? ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن چ??و ته وزيراعظم ايس ايم ايز جي رجسٽريشن ۽ سهولتڪاري کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اجلاس جي پڌرائي مطابق ايس ايم ايز لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ٽيڪسن کي ه?? آهنگ ۽ هڪجهڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. راڻا تنوير حسين چ??و ته سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت جو ڪم ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ادارن کي ڪريڊٽ جي سهولت ڏيڻ، انڊسٽريل اسٽيٽس ۾ ايس ايم ايز جي لاءِ زمين رکڻ، مختلف اسڪيمن ذريعي ع??رتن جي انٽر پرينيورشپ کي ترقي ڏيڻ ۽ 5 بلين جي رقم سان سمال ميڊيم انٽر پرائيز فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.