اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال چيو آهي ته پگهارن ۾ اض??فو بنيادي پگهار تي ٿيندو. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال تي هن چيو ته جن خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن حڪومتي پي اسڪيل لاڳو ڪري ڇيو آهي، اض??فو انهن تي لاڳو ٿيندو، تنهن هوندي به جن خود مختيار ادارن، ڪارپوريشنن جا پنهنجي پي اسڪيل هوندا اهي ??نهنجي طريقيڪار موجب ان تي عمل ڪندا. هن چيو ته اي او بي آءِ هڪ خودمختيار ادارو آهي، پينشن ۾ اضافي جو فيصلو ه?? پاڻ ڪندو.