ڪراچي – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پي آءِ اي جي ڪمرشل فلائيٽ وسيلي ملتان جي لاءِ روانو ٿي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي جي سرڪاري د??ري دوران مزار قائد تي حاض??ي ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي جي سرڪاري د??ري دوران محترمه فاطمه جناح، قائد ملت لياقت علي خان ۽ نور امين جي مزارن تي پڻ فاتحه خواني ڪئي. ڪراچي جي سرڪاري د??ري دوران وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.