اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪش??ير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي صدر شاهه غلام قادر جي قيادت ۾ پارٽي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير به شريڪ ٿيا. وفد آزاد ڪش??ير جي تازي صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ مسئلن جي حل تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وفد پاڪستان جي معيشت جي بحالي ۽ ملڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري آڻڻ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم وفد کي آزاد ڪش??ير جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ پنهنجو ڀرپور ??ردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته توهان پنهنجي ڀرپور ??وشش ڪريو ته آزاد ڪش??ير جي عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ملي. پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪش??يري ڀينرن ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. اهو ڪيئن ممڪن هو ته آزاد ڪش??ير ۾ اسان جا ڀينر ڀائر مشڪل ۾ هجن ۽ اسان سک سان ويهون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪش??ير ڪاز کي سڄي دنيا ۾ اجاگر ڪري رهيو آهي. پاڪستان سدائين ڪش??يرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ??ار?? رکندو. ملاقات ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم وفد کي آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام سان پنهنجي رابطي ۾ وڌيڪ بهتري آڻيو.