اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي ان حوالي سان آذر??ائ??جان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آذر??ائ??جان جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن واري وزير مختار با??ائ??ف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. آذري وزير مختار با??ائ??ف وزيراعظم کي آذر??ائ??جان جي صدر الهام عليوف پاران نومبر 2024ع ۾ باڪو ۾ منعقد ٿيندڙ گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز 29 (ڪوپ – 29) اجلاس ۾ شرڪت جو دعوتنامو پيش ڪيو. وزيراعظم 29 هين ڪانفرنس آف پارٽيز جي دعوتنامي تي آذر??ائ??جان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ کيس ۽ آذري عوام کي ڪوپ – 29 جي ميزباني جي لاءِ باڪو جي چونڊ تي مبارڪباد پيش ڪئي. ڪوپ – 29 هن سال موسمياتي تبديلي جي درپيش چئلينجن تي غور فڪر جي لاءِ عالمي اڳواڻن جو سڀ کان اهم اجتما?? آهي. آذري وزير سان ڳالهه ٻولهه ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن مان هڪ آهي، 2022ع ۾ پاڪستان هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. وزيراعظم ڪوپ – 29 جي حوالي سان آذر??ائ??جان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ تعاون جو يقين ڏياريو. ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم چيو ته هو ڪوپ – 29 ۾ شرڪت جو منتظر رهندو جتي کيس صدر الهام عليوف سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرف?? واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملندو. وزيراعظم شهباز شريف صدر عليوف کي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. آذري وزير پاڪستان ۾ پنهنجي ميزباني ۽ ڪوپ – 29 جي ڪامياب انعقاد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جي آڇ تي ٿورا مڃيا. هن چيو ته آذر??ائ??جان پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪندو ته جيئن هڪ اهڙي ايجنڊا طئي ڪري سگهجي جيڪا موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن جي ضرورتن جي مناسب عڪاسي ڪري.