رياض – 28 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف (اڄ) آچر تي رياض ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف عا??مي اقتصادي فورم جي اڄ کان شروع ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم عا??مي صحت جي ايجنڊا جي حوالي سان هڪ سيشن ۾ خيالن جو اظهار پڻ ڪندو. عا??مي اقتصادي فورم جي سائيڊ لائنز تي اڄ وزيراعظم جي ڪويت جي امير مشعل الاحمد الجابر الصباح سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي سعودي ناڻي، صنعت، سيڙپڪاري وارن وزيرن سان ملاقاتون متوقع آهن. وزيراعظم جي بل اينڊ ميلنيڊا گيٽس فائونڊيشن جي ڪو چيئرمين، عا??مي مالياتي فنڊ جي منيجنگ ڊائريڪٽر ۽ اسلامي ترقياتي بينڪ جي صدر سان پ?? ملاقات ٿيندي.