اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پا??ستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پا?? – برطانيا لاڳاپن کي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات دوران ٻطرفي اهميت جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته پا??ستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. صدر آصف علي زرداري ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته معيشت جو استحڪام اولين ترجيح آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته موسمياتي ??بديلي پا??ستان جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي ڇو ته پا??ستان موسمياتي ??بديلي جي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن ۾ شامل آهي. هن هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 600000 هيڪٽر ايراضي تي ٻڌل تَمر جا ٻيلا آهن جيڪي سامونڊي ماحولي??تي نظام کي سهارو ڏيڻ کانسواءِ ماحولياتي ??ستحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته پا??ستان ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي وڏي صلاحيت موجود آهي، شمسي ۽ هوائي ذخيرن سان ملڪي توانائين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ملاقات ۾ برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ پرنسز آف ويلز ڪيٿرين مڊلٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جين ميريٽ صدر آصف علي زرداري کي صدارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.