اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود پاران وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي ??يڪ خواهشن ۽ دعائن تي سندس ٿورا مڃيا آهن. سماجي راب??ن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهرا لاڳاپا گڏيل احترام، مذهبي ۽ ثقافتي وابستگي ۽ گڏيل قدرن تي ٻڌل تاريخي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته هي ڀائراڻو رشتو ايندڙ وقتن ۾ وڌيڪ ??ڌندو. شهباز شريف چيو ته ٻنهي ڀائرن ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي لاءِ هو پنهنجي ڀاءُ سعودي ولي عهد سان ??ڏج?? ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.