اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علو?? ڪراچي ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ووٽ وجهڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجو پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته اسلامي جمهوريه پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندا چونڊڻ جي لاءِ توهان جي ووٽ جي ذريعي توهان جي راءِ گه??ي آهي، ووٽ وجهڻ توهان جي اسلامي، آئيني ۽ شهري ذميوا??ي آهي، آئُون پنهنجي خان??ان سان گڏ پنهنجي پولنگ اسٽيشن پهتس، لائين ۾ بيٺاسين ۽ ووٽ ڏنو. توهان سڀني کي به درخواست آهي ته ٻا??ر نڪرو ۽ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪريو. اڄ پاڪستان کي توهان جي راءِ جي جيتري ضرو??ي آهي ايتري اڳ ۾ ڪڏهن به نه هئي.