ڪراچي-05 فيبروري (اي پي پي) پاڪس??ان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي روڪڻ لاءِ 8 فيبروريءَ تي پ پ جي ڪاميابي تمام ضروري ??هي. هن يومِ يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته ڪشمير ڪاز کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 8 فيبروريءَ جي چونڊن ۾ پ پ جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ضروري ??هي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائدِ ع??ام شهيد ڀٽو قائداعظم جي مؤقف کي اڳتي وڌايو. شهيد ڀٽو چيو هو ته جيڪڏهن اسان ڪشمير خاطر هڪ هزار سال تائين جنگ وڙهنداسين ته به وڙهندا. شهيد محترم?? بينظير ڀٽو هر سال 5 فيبروريءَ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو. شهيد محترم?? بينظير ڀٽو جي هن فيصلي ڪشمير ڪاز کي اڻ مٽ بڻائي ڇڏيو. شهيد محترم?? بينظير ڀٽو جي هن قدم جي گونج دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻُڌي وڃي ٿي.