سرينگر – 06 – نومبر (اي پي پي) جيلن ۾ نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانف??نس جي اڳواڻن ڄمون قتل عام جي شهيدن کي انهن جي شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج عقيد?? پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عو??م پنهنجي شهيدن جي ??شن کي هر قيمت تي پورو ڪندي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڊوگره مهاراجا هري سنگهه جي ??ورسز، ڀارتي فوج ۽ هندوتوا تنظيمن آر ايس ايس ۽ جن سگهه جي انتهاپسندن نومبر 1947ع جي ??هرين هفتي ۾ ڄمون خطي جي ??ختلف علائقن ۾ لکين ڪشميرين کي ان وقت شهيد ڪيو جڏهن اهي پاڪستان طرف هجرت ڪر?? رهيا هئا. سڄي دنيا ۾ ڪشميري 6 نومبر تي شهداءِ ڄمون ڏهاڙي طور ملهائين ٿا ته جيئن انهن شهيدن کي خراج عقيد?? پيش ڪر?? سگهجي. غيرقانوني طور تي نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانف??نس جي سينيئر اڳواڻ شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي جدا جدا پيغامن ۾ چيو ته 1947ع ۾ ڄمون ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان هولناڪ واقعو آهي جنهن جي ??اد 75 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪشميرين جي ذهنن ۾ تازي آهي. هنن چيو ته ڊوگره مهاراجا جي ??ورسز ۽ ڀارتي فوج جي ??دد ۽ سرپرستي ۾ هندو جنونين علائقي ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ارادن تحت ڄمون خطي جي ??وري مسلمان آبادي جو صفايو ڪر?? ڇڏيو.