اسلام آباد – 21 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان بلغاريه ۾ پاڪستا?? جي نامزد سفير مدثر چوڌري ملاقات ڪئي. صدر جو پاڪستان ۽ بلغاريه ??ي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ سياسي ۽ ڪاروباري وفد?? جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏنو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ بلغاريه ??ي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان بلغاريه سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بلغاريه سان گڏيل دلچسپي جي س??ورن شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن ??يو ته نئون نامزد سفير ٻنهي ملڪ?? جي چيمبرز ۽ ڪامرس ??ي وچ ۾ اداراجاتي رابطو قائم ڪرڻ تي ڪم ڪندو. صدر فيڪلٽي ۽ شاگرد?? جي مٽاسٽا سان تعليمي شعبي ۾ لاڳاپا بهتر بڻائڻ، پاڪستان ۽ بلغاريه جي يونيورسٽين ??ي وچ ۾ حصيداري جي عمل کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر عارف علوي مدثر چوڌري کي بلغاريه ۾ پاڪستا?? جي سفير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.