اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چي?? آهي ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 60 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ۾ مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب نيوز کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو. ان سوال تي ته ڇا ايس آئي ايف س?? جي ايندڙ 5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 60 بلين ڊالر تائين جي سيڙپڪاري ڪرڻ جون رپورٽون حقيقت پسنداڻيون آهن، نگران وزيراعظم چي?? ته واقعي ائين ئي آهي، بلڪه اها شايد ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿي. هن چي?? ته ايس آءِ ايف سي غيرملڪي سيڙپڪارن جي ڪنهن به قسم جي خدشن ک?? ختم ڪرڻ جي لاءِ ”ون ونڊو آپريشن“ جي طور تي ڪم ڪندي. نگران وزيراعظم چي?? ته ٻن يا ٽن شعبن تي اڳ ۾ ئي ڌيان مرڪوز آهي، جن مان هڪ ڊالرز جي منتقلي آه?? جيڪو ڪنهن به غيرملڪي سڌوسنئون سيڙپڪاري اداري جو مطالبو آهي، اهو بيمه شده ۽ قانوني طور تي محفوظ آهي. نگران وزيراعظم چي?? ته بيوروڪريٽڪ ڳاڙهي ڦيٿ?? جي مسئلي تي پڻ ڌيان ڏنو ويو آهي، ايس آءِ ايف س?? جي پليٽ فارم تي ون ونڊو جو موقعو بنيادي طور تي ان مقصد جي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي ته اسان کي انهن سمورين بيوروڪريٽڪ رڪاوٽن ک?? ختم ڪرڻ ۽ 15 ڏينهن جي اندر ٻاهرئين ملڪ مان ڪنهن به سيڙپڪار?? جي اجازت ڏيڻ جي پوري عمل کي مُناسب بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته ايس آءِ ايف سي پليٽ فارم تحت تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي اتفاق ڪيو ويو آهي، اهو ڪافي حوصلي جوڳو ۽ سازگار آهي، جيڪو سمورن ٻاهرئين ڌرين جي لاءِ قابل قبول آهي، ان ۾ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته حڪومت کي اميد آهي ته ڊسمبر تائين سعودي عرب مان سون ۽ ٽام?? جي کاڻين جي کوٽائ?? جي دنيا جي سڀ کان وڏي منصوبن مان هڪ ريڪوڊڪ ۾ شيئرز خريد ڪرڻ جي لاءِ هڪ معاهدو ٿي ويندو. نگران وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته اسان سعودي آڇ تي ڪافي پرجوش آهيون ۽ اسان انهن جي شرڪت جي نه رڳو ان منصوبي ۾ پر ٻي صورت ۾ پڻ حوصلا افزائي ڪنداسين. هن چي?? ته اهو ڳالهين جو حصو آهي، جيڪو ٽنهي ڌرين جي وچ ۾ ٿي رهيو آهي ۽ ڏسون ٿا ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ٿو. آگسٽ ۾ پاڪستان اسلام آباد ۾ پنهنجي افتتاحي کاڻين جي کوٽائي ڪانفرنس ۾ سعودي عرب جي عملدارن جي ميزباني ڪئي جتي بيرڪ جا عملدار پڻ موجود هئا. بيرڪ ۽ سعودي عرب جي کاڻين جي کوٽائي ڪندڙ سرڪاري ڪمپني گڏيل طور تي جده ۾ ٽامي جو هڪ پراجيڪٽ هلائين ٿيُون.