ٽوڪيو – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان ??ي گا??ي واري شهر ٽوڪيو ۾ پاڪستان ??ي سفارتخاني والاريل ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جي لاءِ هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين، جاپاني ميڊيا سان واڳيل ص??اف??ن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صدر، نگران وزيراعظم ۽ نگرانپرڏيهي وزير جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا جن ۾ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي حمايت ۽ يڪجهتي تي زور ڏنو ويو آهي. پاڪستان ??ي سفير رضا بشير تارڙ ڀارتي قابض فوج پاران ڀارت جي غيرقانوني طور ت قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن جو ذڪر ڪندي ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان ??ي مڪمل حمايت جو اظهار ڪيو.