اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ افغانستان جي شهر هرات ۾ تباهي آڻيندڙ ??لز??ي ۾ قيمتي جان??ن جي زيان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اين ڊي ايم اي کي ??لز??ي متاثر??ن جي لاءِ فوري امداد رواني ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته اسان جي دل متاثر خاندانن جي لاءِ ڏکويل آهي. هن چيو ته اسان هن مشڪل گهڙيءَ ۾ افغانين سان گڏ بيٺل آهيون. نگران وزيراعظم چيو ته هن اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ امداد موڪلين. افغان حڪومت خصوصي طور تي ميڊيڪل ٽيم، فيلڊ اسپتال، 50 خيما ۽ 500 ڪم??ل موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي. نگران وزيراعظم جي هدايت تي سموريون درخواست ڪيل شيون اڄ امدادي سامان سان گڏ موڪليون پيون وڃن.