اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺ??هڻ جو فيصلو ڪندي وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي، نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو ي??يني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلات نه ٿئي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزي??اع??م مذهبي معاملن واري نگران وزير انيق احمد ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي پنهنجي نگراني ۾ حج انتظامن جي اڳواٽ تياري جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م حج انتظامن جي جائزي جي لاءِ ڪميٽي ٺ??هڻ جو فيصلو ڪيو. نگران وزي??اع??م مذهبي معاملن واري وزارت کي حج 2023ع جي حوالي سان حاجين جي شڪايتن تي ٺوس رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م مذهبي معاملن واري وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي گڏيل حصيداري سان حاجين جي سهولتن ۽ شڪايتن جي داخلا لاءِ موبائيل ايپلي ڪيشن ۽ ويب سائيٽ ٺ??هڻ ۽ نجي حج ڪمپنين جي حوالي سان شڪايتن تي رپورٽ پيش ڪرڻ ۽ ان نظام جي لاءِ سڌاراجاتي ڪميٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزي??اع??م چيو ته نجي ڪمپنين جي سخت نگراني ڪري اهو ي??يني بڻايو وڃي ته انهن جي ذريعي ويندڙ حاجين کي ڪنهن به قسم جُون مشڪلاتُون پيش نه اچن. نگران وزي??اع??م چيو ته حاجين جي لاءِ ٿيندڙ انتظامن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو وڃي. نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ حج 2024ع جي لاءِ اڳواٽ تيارين جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ مذهبي معاملن واري نگران وفاقي وزير انيق احمد، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نگران وزي??اع??م کي حج 2024ع جي تيارين تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزي??اع??م مذهبي معاملن واري نگران وزير ۽ مذهبي معاملن واري سيڪريٽري کي سعودي عرب جو دورو ڪرڻ، پاڻ حج 2024ع جي تياري جي نگراني ڪرڻ ۽ تفصيلي رپورٽ جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.