اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيني صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽر ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ نائب وزيراعظم هي لي فينگ کي پاڪستان جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن تي هلال پاڪستان جي اعزاز سان نوازيو. چين جي نائب وزيراعظم کي اعزاز ڏ??ڻ جي لاءِ هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر اس??ام آباد ۾ ٿي جتي صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس هلال پاڪستان جو اعزاز عطا ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف، سي??يٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي، قومي اس??مبلي جي اس??يڪر راجا پرويز اشرف، ڪابينا جي ميمبرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي، هٿياربند فوج جي سربراهن، چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آيل وفد جي ميمبرن سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چيني نائب وزيراعظم کي هلال پاڪستان جو اعزاز ڏ??ڻ جي لاءِ منعقد تقريب ۾ چين جو نائب پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان ۾ چيني ناظم الامور پڻ شريڪ ٿيا. ان کان اڳ ايوان صدر اچڻ تي چين جي نائب وزيراعظم جو انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آچر ڏينهن اس??ام آباد پهچڻو هو.