اسلام آباد – 13 – جو??اء?? (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ان??ن جي حل طلب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ان??ن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پنهنجي خودمختياري جي حق ??اء?? جدوجهد جاري رکيو اچن. هن چيو ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو ان??ن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ ف??ئر??گ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ترجمان چيو ته اسان ان??ن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ??اء?? هڪ دليراڻو جدوجهد جي شروعات ڪئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دوران ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي شهيد ڪيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق جي ??اء?? جدوجهد جاري رکيو اچن. هن ان عزم جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀ??ئر?? ۽ ڀينرن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ان??ن جي تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ان??ن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو.