ڪراچي-13 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي عورت ونگ جي مرڪزي صدر ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر فريال ٽالپر چيو آهي ته حڪومت ۽ عوام جي گڏيل ڪوششون آفت کان بچڻ جون حڪمت عملي آهن، قدرتي آفت جي نقصان کان بچڻ ل??ءِ عوام پي ڊي ايم اي طرفان ج??ري ڪيل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان ج??ري بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي عوام جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. فريال ٽالپر چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدي?? جي سامونڊي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري رهي آهي. طوفان بائپر جوائي جي خطري سبب ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ سميت ٻين ضلعن ۾ به ح??اظتي قدم کنيا ويا آهن. هن چيو ته پ پ جي تنظيمي عهديدارن ۽ ڪارڪنن پنهنجي پارٽي چيئرمي?? جي هدايت جي ??وش??يءَ ۾ انتظاميه طرفان ج??ري سرگرمين ۾ ماضيءَ وانگر پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ڄاڻايل ضلعن سان تعلق رکندڙ پ پ جا ميمبر به پنهنجن حلق?? جي عوام ۽ انتظاميه سان هر وقت رابطي ۾ آهن.