پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها دنيا ۾ پائيدار امن ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ۽ شفاف ورڇ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ پاليسي تيار ڪري، جيڪڏهن اڄ عملي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت خطرناڪ هوندو، پا??ست??ن کي ٻوڏ م??اث??ين جي بحالي لاءِ اربين ڊالر گهربل آهن، ٻوڏ م??اث??ين جي بحالي لاءِ اسان ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا، موسمياتي تبديلي جي ڪري قدرتي آفتن سان ملڪي معيشت کي مشڪلاتون ??رپيش آهن، پا??ست??ني قوم ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نئين عالمي مالياتي معاهدي جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گول ميز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ان اهم معاملي تي سربراهه اجلاس گهرائڻ تي فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون ??ي قيادت ساراهه جوڳي آهي. هن چيو ته اتر ترقي ڪئي اهي ۽ هو پا??ست??ن ۾ پنهنجي تجربن کي عملي جامعو پارائڻ، نوڪريون ۽ روزگار فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ڪاميابي جي ماڊل مان سکي صنعت ۽ زراعت کي فروغ ڏيڻ جا منتظر رهندا. اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڏکڻ مصيبت ۾ هجي ته دنيا اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. اسان هڪ جسم وانگر آهيون ۽ جيڪڏهن جسم جو هڪ حصو تڪليف ۾ هجي ته باقي جسم جي لاءِ به تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. هن چيو ته گذريل سال پا??ست??ن موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ کان م??اث?? ٿيو، ان سان اسان جو زندگي گذارڻ جو انداز م??اث?? ٿيو، 3 ڪروڙ 3 لک ماڻهو ٻوڏ کان م??اث?? ٿيا، ڪيترن ئي ملين ايڪڙ زمين تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، ٻارن سميت 1700 ماڻهو فوت ٿيا، 5 لک چوپايو مال لڙهي ويو، 20 لک گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو، ايتري وڏي پئماني تي نقصان ٿيڻ جي باوجود سمورين ڌرين ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان کي سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي بحالي جي لاءِ اربين ڊالر جي ضرورت آهي، اسان وقت سر مدد تي دنيا خاص طور تي دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون ??ڏهن ته اسان پنهنجي وسيلن سان به ٻوڏ م??اث??ين جي مدد ڪئي جڏهن ته وڌيڪ وسيلن جي لاءِ عالمي سطح تي پڻ رابطا ڪيا، اسان کي قرض وٺڻا پون ??ا جنهن سان اسان جي ملڪ تي قرضن جو بار وڌي ٿو، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پا??ست??ن ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کي پنهنجي اکين سان ڏٺو. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري شهرن جا شهر تباهه ٿي ويا، ڏورانهن علائقن ۾ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي تمام گهڻو مشڪل چئلينج هو، ڪجهه ملڪن جي حفاظت جي لاءِ وڏي رق?? خرچ ڪئي وڃي ٿي پر هزارين زندگين کي بچائڻ جي لاءِ وڏي قيمت ادا ڪري قرض وٺڻو پوي ٿو، اسان جا ماڻهو بهادر آهن، انهن ماضي ۾ به وڏن چئلينجز کي منهن ڏنو آهي ۽ موجوده چئلينجز مان بهادري سان نڪرندا. هن چيو ته پيرس ۾ تمام گهڻيون ڪارائتيون ??لاقاتون ??يون. وزيراعظم چيو ته اسان کي موسمياتي تبديلي کان م??اث?? ملڪن جي لاءِ انصاف، شفافيت ۽ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي حوالي سان پاليسي جوڙڻي پوندي، جيڪڏهن اڄ عملي قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت خطرناڪ هوندو.