اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته تڪبر، ضد، اناءَ، پنهنجي ذات ۽ مفادن جي بُت جو هائوس آف ڪارڊز ڌڙام سان زمين هيٺ دٻجي ويو آهي، پي ٽي آءِ مان روح نڪري ويو، پارٽي ٺاهيندڙن جي هلي وڃڻ سان بس هاڻي بُت ئي باقي رهجي ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ شعر ”دل ڪي ڦڦولي جل اُٺهي سيني ڪي د??غ سي…. اس گهر ڪ?? آگ لگ گئي گهر ڪي چر??غ سي“ جو حوالو ڏنو. هن چيو ته مغرور چيو هو ته ڪنهن جي ا??ڻ ۽ وڃڻ سان فرق نه ٿو پوي، هو اڄ عبرت جو زندهه مثال بڻجي چڪو آهي.