اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اء?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير چيو ته اسان جي پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن جي ??اء?? جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني پيس ڪيپرز امن جي ??اء?? جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين پيس سان تاريخي حصيداري آهي ۽ پاڪستاني پيس ڪيپرز سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جي ??اء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گذريل سال 8 پاڪستاني پيس ڪيپرز گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن واري مم??ڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي ڪمان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪرڻ جي ??اء?? انهن ڀرپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني پيس ڪيپرز گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.