اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي رمضان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪمزور طبق?? جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انه?? جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. رمضان المبارڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي ??يغام ۾ صدر ??يو ته رمضان المبارڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسل??ان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان اسان هڪ ڀيرو ٻيهر رمضان المبارڪ جي باسعادت گهڙين ??ان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا جتي هڪ مسل??ان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سا??ان پيدا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاو?? جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر ??يو ته الله تعاليٰ اسان تي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اسان کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ا?? جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر صبر ۽ استقامت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رمضان المبارڪ انسان جي اندر استقلال ۽ استقامت جي طاقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪم?? جو پابند بڻائڻ جو درس ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان ??ان گذري ٿو. اسان کي پنهنجي سگهه ??ان وڌي ان رمضان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انه?? جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اسان رمضان جي مقصدن ۽ ا?? جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي رمضان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن سان فيضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.