اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٽ??ڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فراهمي ۾ مح??سب جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽ??ڪس محتسب سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽ??ڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي سال 2022ع جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف ٽي او کي سال 2022ع دوران 7000 شڪايتون مليون، 2021ع ۾ 2816 شڪايتون مليون، سال 2022ع دوران 7000 مان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽ??ڪس محتسب 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽ??ڪس ڏيندڙن کي ادا ڪرائي. ايف ٽي او جي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف ٽي او سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل قائم ڪيو وي?? آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽ??ڪس بابت سموريون خدمتون ??اص?? ڪرڻ جي لاءِ ٽ??ڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊ??ڪس پڻ قائم ڪيو وي?? آهي جڏهن ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين واپاري ادارن جي اعزازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائقائي آفيسن ۾ مقرر ڪيو وي?? آهي. سال 2022ع دوران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽ??ڪس محتسب پاران پهچ وڌائڻ ۽ ٽ??ڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي اداري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.