اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پنجاب حڪومت مهانگائي جي ور چڙهيل غريب ??وام جي لاءِ وڏو رمضان پئڪيج تيار ڪيو آهي جنهن تحت غريب ??اندانن کي مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. اهو فيصل?? وزيراعظم جي صدارت ۾ پنجاب ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي جي جائزه اجلاس ۾ ڪيو ويو. پهريون ڀيرو غريب ??اندانن کي مفت اٽي جي فراهمي جو اهو پنهنجي نوعيت جو پهريون پئڪيج آهي جيڪ?? وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي تيار ڪيو ويو آهي. پهرين مر??لي ۾ پنجاب صوبي ۾ غريب ??رين ماڻهن کي خصوصي رمضان پئڪيج تحت مفت اٽو فراهم ڪيو ويندو. وزيراعظم غريب ??اندانن کي رمضان پئڪيج تحت اٽي جي فراهمي تي ٺوس حڪمت عملي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رمضان مهيني ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ ريليف ڏنو وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي پنجاب ماڊل جي طرز ت?? سڄي ملڪ ۾ رمضان پئڪيج جي غريب ??وام کي فراهمي جي لاءِ وفاق صوبن کي هر ممڪن تعاون فراهم ڪندو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري پنجاب زاهد اختر زمان ۽ ناڻي واري سيڪريٽري مجاهد شير دل رمضان پئڪيج جي حوالي سان وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي کانسواءِ خوراڪ وارو سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.