اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب اداڪارائن جي ڪردارڪشيءَ ڪندڙ عنصرن ??ي شديد مذمت ۽ ايف آءِ اي کان قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪ??دي چيو آه?? ته بدتميزي، بدتهذيبي ۽ ڪردارڪشيءَ جي غليظ مهم جو ڪ??چر ڦهلائيندڙن جي پوري معاشري پاران مذمت ٿيڻ گهرجي، رڳو پنهنجي مائرن، ڀينرن ??ي عزت جي فڪر ۽ باقي دنيا جي عورتن جي عزت نه ڪندڙ عنصر ذهني بيمار آه??، اختلاف راءِ ??ندڙن کي گاريون ڏيڻ، مائرن ڀينرن، ڌيئرن ??ي عزت نه ڪرڻ، گهرن ??ي حمل??، گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ ”گهريلو تربيت“ جي علامت هوندي آه??. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداڪار ملڪ جو اثاثو ۽ پاڪستان جي سڃاڻپ آه??، بيمار ذهن ئي انهن تي حملا ڪن ٿا. هن چيو ته فنڪار معاشري ۾ پنهنجي محنت سان مقام حاصل ڪري ٿو، اهي مشڪلاتن کي منهن ڏئي عوامي مقبوليت ماڻين ٿا. هن چيو ته عورتون سياست، صحافتن، فن يا ڪنهن به شعبي ۾ ڪو مقام ماڻين ته انهن جي ڪردارڪشيءَ شروع ڪئي وڃي ٿي، عورتن جي خلاف اها بدنما مهم رڳو عورت هجڻ جي ڪري هلائي وڃي ٿي. هن چيو ته عورتن جي محنت، جدوجهد ۽ صلاحيتن جو اعتراف ۽ احترام ڪرڻ بدران گند اڇلائڻ شرمناڪ آه??، عورتون حوصلي، همت ۽ منزل کي هاصل ڪرڻ جي عزم جي علامت بڻجي چڪيون آه??، اهڙي بي هودگي انهن جي ڪاميابين جو سفر نه ٿي روڪي سگهي.