اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽانڪ ۽ ڊيره اسماعيل خان جي ٻوڏ متاثرين جي لا??ِ تعمير ڪيل رهائشي يونٽس جي افتتاحي تقريب ۾ وڏي عمر جي عورت کي سهارو ڏئي گهر جون چاٻيون ڏنيون. ٻوڏ متاثرين ۾ نئين تعمير ٿيل گهرن جون چاٻيون و??هائڻ لا??ِ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي وڏي عمر جي عورت زرگل جڏهن چاٻيون و??ول ڪرڻ جي لاءِ آئي ته وزيراعظم شهباز شريف کيس سهارو ڏئي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ چاٻيون ان جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر سهارو ڏئي سيٽ طرف وٺي وڃڻ ۾ مدد ڪئي.