اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان جا?? ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته واقعي جون حقيقتون ق??م آڏو آڻين??اس??ن، يقين ڏياريان ٿو ته واقعي جي شفاف جا?? ڪرائي ويندي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڪينيا ۾ سينيئر صحافي ارشد شريف سان جيڪو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اهو انتهائي مذمت جوڳو آهي، پاڪستان جي عوام جي ان مارجڻ تي انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن سعودي عرب روانو ٿيڻ کان اڳ مون ڪينيا جي صدر سان پاڻ ڳالهه ڪئي ۽ ان کي گذارش ڪئي ته واقعي جي جا?? رپورٽ اسان کي فوري طور تي موڪلي وڃي ۽ مڙهه فوري پاڪستان موڪلڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڪينيا جي صدر مون کي پ??رو يقين ڏياريو ته ان ڏس ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين??اس??ن، ڪينيا جي صدر ان واقعي تي همدردي جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم چيو ته هن فيصلو ڪيو آهي ته ان واقعي جي اعليٰ عدالتي ڪميشن کان شفاف جا?? ڪرائي ويندي ۽ ان جي لاءِ هاءِ ڪورٽ جي جج جي لاءِ درخواست ڪن??اس??ن، ان فيصلي جي ڪابينا کان پڻ توثيق ڪرائي ويندي. وزيراعظم چيو ته هي واقعو اسان سڀني جي لاءِ افسوس جوڳو آهي، قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته ان جي شفاف جا?? ٿيندي ۽ حقيقتون ق??م آڏو آڻين??اس??ن.