اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزير??عظ?? 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? شهباز شريف قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ ”ايشيا رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن“ (سيڪا) بابت ڪانفرنس جي ٻن ڏينهن واري (12 ۽ 13 آڪٽوبر) تي ٿيندڙ ڇهين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪابينا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هوندا. وزير??عظ?? 13 آڪٽوبر تي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي اهم خطاب ڪندو. هو پنهنجي خطاب ۾ ايشيائي ملڪن کي درپيش گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻ??له??، ٺاهن ۽ تعاون جي فر??غ جي لاءِ سيڪا جي منفرد فورم طور اهميت اجاگر ڪندو. وزير??عظ?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پڻ اجاگر ڪندو. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزير??عظ?? سيڪا جي ميمبر ملڪن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو جن جو مقصد خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع تعاون کي فر??غ ڏيڻ آهي. سيڪا سڄي ايشيا جي 27 ملڪن تي ٻڌل بين الحڪومتي فورم آهي جيڪو 1992ع ۾ قائم ڪي?? ويو. ان ۾ ننڍي کنڊ ايشيا ۾ امن، سلامتي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جي فر??غ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. سيڪا ڳالهه ٻ??له?? ۽ تعاون جي ذريعي علائقائي استحڪام ۽ خوشحالي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر فورم آهي. هي فورم وڏن شعبن ۾ اعتمادسازي جي قدمن کي فر??غ ڏي ٿو جنهن ۾ معاشي ??خ، ماحولياتي ??خ، انساني ??خ، نئين چئلينجز ۽ خطرن ۽ فوجي ۽ سياسي رخ شامل آهن. سيڪا جي منشور ۽ هدفن جي ڏس ۾ وزير??عظ?? جي سربراهه اجلاس ۾ شرڪت مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پاڪستان ايشيا ۾ رابطن ۽ معاشي تعاون جي فر??غ کي انتهائي اهميت ڏي ٿو.