اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍ?? مدي وارا تربيتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ??ن لائين تربيتي ماڊيولز ج?? مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪول آف پ??لڪ پاليسي (اين ايس پي پي) جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جو چيئرمين به آهي. اجلاس ۾ منصوبابندي، ??رقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال، اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عوام کي خدمتن جي بهتر فراهمي جي لاءِ سرڪاري ملازمن جي صلاحيت ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ??لاحيت ۾ اضافي جي لاءِ بهترين عالمي طريقن موجب تربيت ڏيڻي پوندي، ??رڪاري ملازمن جي صلاحيتن ۾ اضافي سان پاڪستان جي سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته تربيت ۾ مصنوعي ذهانت، آن لائين ۽ هائبرڊ طريقن کي استعمال ڪيو وڃي، ??رڪاري ملازمن مهارتن ۾ اضافي، وقت سر ۽ صحيح فيصلاسازي جي لاءِ تعليمي ماڊيولز کي اپ گريڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته آن لائين تربيتي ماڊيولز ج?? مدد سان اضافي خرچن کانسواءِ سرڪاري ملازمن کي تربيت جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. صدر خصوصي ۽ فني شعبن ۾ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ ننڍ?? مدي جي تربتي ڪورسز شروع ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. منصوبابندي، ??رقي ۽ سڌارن وارو وفاقي وزير احسن اقبال اين ايس پي پي جي بورڊ آف گورنرز جي وائيس چيئرمين به آهي، هن چيو ته بيوروڪريسي پاران مجموعي طور تي خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڏورانهن علائقن ۾ مقرر آفيسرن کي مختصر ۽ ڊگه?? مدي واري معياري تربيت فراهم ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي تي ٻڌل پليٽ فارم متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي. منصوبابندي واري وفاقي وزير پاران نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي طرز تي اين ايس پي پي کي ڊگري جاري ڪرڻ واري اداري ۾ تبديل ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي. بورڊ آف گورنرز اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا آئٽمز تي پڻ فيصلا ڪيا. اين ايس پي پي ۾ گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ مڊ ڪيريئر مئنيجمينٽ ڪورس، گريڊ 19 جي آفيسرن جي لاءِ سينيئر مئنيجمينٽ ڪورس ۽ گريڊ 20 جي آفيسرن جي لاءِ نيشنل مئنيجمينٽ ڪورس منعقد ڪرائي ٿي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پ??لڪ پاليسي اين ايس پي پي جو پ??لڪ پاليسي بابت ريسرچ انسٽيٽيوٽ آهي، ??ن جو مقصد پاڪستان جي گهڻ رخي ۽ سماجي ۽ سياسي ڏس ۾ حڪومت جي وسيع ۽ اڀرندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاليسي ريسرچ ۽ مڪالمي جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ آهي.