گڏيل قومون-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ٻارن بابت فنڊ ڏيندڙ اداري يونيسيف تي زور ڀريو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ٻارن جي ??عليم لاءِ عارضي ماڳن تي ٻيهر اسڪول کولڻ ۽ـ انهن کي اپ گريڊيشن ?? مدد ڏي، جڏهن ته اداري جي ??يگزيڪيوٽو بورڊ پاڪستان جي 8 ڪروڙ ٻارن جي ??هتريءَ لاءِ 4 ساله ڪنٽري پروگرام تحت 900 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم بورڊ ميٽنگ دوران ٻُڌايو ته خوراڪ، علاج ۽ پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين کان بچاءُ، ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ ۽ کين غذائيت فراهم ڪرڻ لاءِ امداد جي ??رورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ جي ??باهي موسمياتي تبديلين جو مظهر آهي، جنهن سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن جن مان لکين ٻارن کي پاڻي ۽ صفائيءَ سان گڏ تعليم، صحت جي ??هولتن، خوراڪ ۽ پناهگاهن جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيسيف پاڪستان حڪومت سان ملي ڪري نه صرف هنگامي سامان فراهم ڪندو بلڪ لکين ٻارن جي ??حاليءَ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان کي ٻارن سميت ترقيءَ جي ??نيادي ضرورتن جي فراهميءَ ۾ چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پئجي ??هيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا موسمياتي تبديلين جا خطرا، ٻوڏ، کاڌي ۽ توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز خاص طور تي پٺتي پيل علائقن جي ٻارن جي ??ذائيت، صحت، تعليم ۽ ٻين ضرورتن جي هدفن جي ??اصلات ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته نَون اسڪولن کولڻ، موجوده اسڪولن جي ??نيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اِي لرننگ لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم تيار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن تعليم کان محروم تقريبن 2 ڪروڙ ٻارن کي اسڪول وڃڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان حوالي سان هن چيو ته يونيسيف کي حڪومت سان ملي ڪري ٻارن جي ??هتر پرگهور لاءِ انهن جي ??ذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ گهرجي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان ٻارن خلاف هر قسم جي ??شدد جي ??اتمي لاءِ يونيسيف سان تعاون ڪندو ته جيئن هو سلامتي ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن.