اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي ميڊيا س??مينار کي منافقت قرار ڏيندي چيو آهي ته ميڊيا دشمن ڪهڙي منهن سان ميڊيا س??مينار ڪرائي رهيو آهي، ان کي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان ميڊيا جو معاشي قتل ڪرڻ وارو ڏوهاري آهي، سي پي اين اي، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز جي رپورٽس عمران خان جي ميڊيا دشمني جي گواهي آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جو دور ميڊيا جي لاءِ ڪارو ترين دور هو، عمران خان وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ??يه?? ميڊيا دشمني ڪئي، هو ڪوڙو، ڪرپٽ، فارن ايجنٽ، ميڊيا دشمن ۽ منافق آهي، ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ميڊيا جي خلاف نيب کي استعمال ڪرڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته پاڪستان ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جي باني جي ميڊيا س??مينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته چار سال ميڊيا جو قتل ڪرڻ وارو ميڊيا س??مينار ڪرڻ جو تماشو نه ڪري. عمران خان ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ مير شڪيل الرحمان جي خلاف نيب گردي ڪئي. هن چيو ته پي ايف يو جي، سي پي اين اي ۽ پي بي اي کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ميڊيا کي ڪمزور ڪرڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته صحافت جو قتل، صحافين کي گوليون هڻندڙ، ميڊيا جي زبان بندي ڪرڻ واري ميڊيا س??مينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته جنهن کي عالمي ادارن ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو آهي، ان جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي ته يا نه. هن چيو ته ميڊيا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته انهن جي آزادي ۽ نوڪري کسڻ واري جي سيمينار جي تماشي کي مڃڻو آهي يا نه. ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته سي پي اين اي جي 2020ع، انٽرنيشنل ميڊيا واچ ۽ رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف 2021ع) جي رپورٽس عمران خان جي ميڊيا دشمني جي گواهي آهن. عمران خان چار سال وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ??يه?? ميڊيا دشمني ڪندو رهيو، انٽرنيشنل ميڊيا واچ عمران خان کي فاشسٽ قرار ڏنو آهي، عمران خان چار سالن ۾ صحافين جون پسليون ٽوڙيون، انهن کي اغوا ڪ??و، ميڊيا جي آزادي کي ڪچليو، پارليامينٽ کي تالا لڳرايا، عمران خان ميڊيا کي نيب جي ذريعي ڪنٽرول ڪيو ۽ ميڊيا ورڪرز کي بيروزگار ڪيو. هن چيو ته ميديا کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته صحافين کان قلم کسڻ واري، اسڪرين تان غائب ڪرڻ واري، نوڪري کسڻ واري جي سيمينار ۾ وڃڻو آهي يا نه.