اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير سيد امين الحق چيو آهي ته زندهه قومون پنهنجي ملڪ جي آزادي جو جشن تجديد عهد سان شڪراني جو سجدو ڪري ملهائينديون آهن. پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ هن چيو ته قوم کي اهو معلوم هجڻ ??هر??ي ته ??سا?? کي آزادي جي اها عظيم نعمت پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪئي وئي. ان آزادي جي راهه ۾ ??سا?? جي بزرگن بي مثال قربانيون ڏنيون هيون. انهن کي آزادي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندي باهه ۽ خون جي درياءَ مان گذرڻو پيو. اها الله تعاليٰ جي رحمت ۽ رهنمائي ۽ مدد ئي هئي جنهن آزادي جهڙي عظيم نعمت سان ??سا?? کي نوازيو، ان ۾ پنهنجي پروردگار جو جيترو به شڪر ادا ڪيو وڃي گهٽ هوندو.