اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪ??مت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپ??ار?? جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڏس ۾ حڪ??مت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، ??حت واري وزير ان باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، ??حت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ سينوويڪ پاران پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? ڪري بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چين پاڪستان مثالي دوستي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪ??مت چيني ڪمپني پاران سيڙپ??ار?? جي ان آڇ جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان حوالي سان هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم ??حت واري وفاقي وزير کي ان حوالي سان فوري طور تي هڪ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سينوويڪ ڪمپني جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين سيڙپ??ار?? وڌائڻ حڪ??مت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني تعاون کي قدر جي نگ??هه سان ڏسي ٿو.